اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهزاد اڪبر کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. سيشن عدالت شهزاد اڪبر کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪندي انهي جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته شهزاد اڪبر ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ جي باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو. شهزاد اڪبر جي خلاف ڪيس جو چالان به عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. ياد رهي ته شهزاد اڪبر جي خلاف سوشل ميڊيا تي تڪراري بيانن جي بنياد تي ڪيس داخل ٿيل آهي. اين سي سي آءِ اي شهزاد اڪبر جي خلاف جولاءِ 2025 ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.
شهزاد اڪبر پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ برطانيه هليو ويو هو جتي جي هو شهريت به رکي ٿو. ڪجهه وقت اڳ شهزاد اڪبر مٿان تيزاب گردي جو واقعو به پيش آيو هو.
پاڪستان جي حڪومت برطانيه کان شهزاد اڪبر ۽ عادل راجه کي حوالي ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي ۽ انهي حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ گهرو وزير محسن نقوي هڪ پريس ڪانفرنس جي دوران چيو هو ته پرڏيهه ۾ ويهي رياست جي خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن کي جلد ملڪ واپس آندو ويندو انهن کي پنهنجي هر بيان جو جواب ڏيڻو پوندو.
ياد رهي ته شهزاد اڪبر مٿان تڪراري ٽوئٽس ڪيس داخل ٿيل آهي جنهن ۾ عدالت طرفان کيس ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
تبصرے بند ہیں۔