نه ڌيئرون، نه پٽ، ليجنڊ اداڪار ڌرميندر پنهنجي ڪروڙن جي زمين ڪنهن جي نالي ڪري ويو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي:  بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار هجڻ باوجود ڌرميندر پنهنجي اباڻي زمينن کان ڪڏهن به پري نه ٿي سگهيو. ڪروڙين روپين جي ملڪيت هجڻ باوجود  سندس دل ڳوٺ جي زمينداري ۽ ڏوراهين علائقن ۾ سڪون محسوس ڪندو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب ليجنڊ اداڪار ڌرميندر کي پنهنجي والد جي نوڪري دوران بدلين ۽ پوءِ پنهنجي فلمي ڪيريئر سبب ڳوٺ کي ڇڏڻو پيو هو پر انهي جي خاندان جا ٻيا ماڻهو ساڳئي ڳوٺ ۾ رهائش پذير هئا. ڌرميندر کي پنهنجي مصروف ڪيريئر جي دوران جڏهن به بريڪ ملندو هو ته اهو سموري عيش، عشرت کي ڇڏي لدهيانه کان تقريبن 25 ڪلو ميٽر پري ڊانگون ۾ موجود پنهنجي اباڻي گهر جو رخ ڪندو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب هڪ ڏهاڪو اڳ ڌرميندر پنهنجي اباڻي زمين پنهنجي چاچي ۽ انهي جي ڀاءُ جي جي نالي ڪري چڪو هو ڇو ته انهن ئي ڌرميندر جي غير موجودگي ۾ انهي زمين کي سنڀاليو هو. ڀارتي ميڊيا تي انهي زمين جي قيمت 5 ڪروڙ ڀارتي روپيه ٻڌائي وئي آهي.

تازو ئي ڌرميندر جي ڀائٽي بوٽا سنگهه ديول صحافين کي ٻڌايو ته چاچي ڌرميندر 2018 ۾ ڳوٺ جي دوري دوران 19 ڪنال ۽ 3 مرله زمين منهنجي والد منجيت سنگهه ۽ منهنجي چاچي شنگارا سنگهه جي نالي ڪري ڇڏي هئي، پنهنجي چوڌاري شهرت ۽ تمام گهڻي محبت جي باوجود ڌرميندر هميشه پنجاب(ڀارت) ۾ پنهنجي خاندان ۽ ننڍپڻ جي دوستن سان رابطي ۾ رهيو. ڌرميندر آخري ڀيرو 2018 ۾ ڳوٺ آيو هو انهي وقت سني ديول گورداسپور مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڌرميندر پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به پنجاب منتقل نه ٿي سگهيو پر هن ممبئي جي ڀرسان کهنڊاله ۾ هڪ وڏي ايراضي تي فارم هائوس ٺهرايو هو. هن پنهنجي زندگي جا ڪيترائي سال انهي زمين ۾ گذاريا، ڪورونا لاڪ ڊائون جي دوران ڌرميندر پنهنجي فارم هائوس ۾ ڪيتريون ئي وڊيوز ٺاهي مداحن ڏانهن شيئر پڻ ڪيون هيون.

 

تبصرے بند ہیں۔