پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سعودي عرب ۾ ڳالهيون: پرڏيهي وزارت لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سعودي عرب ۾ ڳالهين بابت پرڏيهي وزارت لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب سعودي عرب ۾ پاڪ افغان ڳالهين بابت ميڊيا جون رپورٽون ڏسو، انهن ڳالهين بابت اسان کي ڪابه خبر نه آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان ترڪيه جي صدر جي ٽياڪڙي واري آڇ جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان ترڪيه جي ٽياڪڙي واري وفد کي ڀليڪار چوندو ۽ پاڪستان ڳالهين جي لاءِ به تيار آهي. ترڪيه جي وفد جو اڃان تائين دورو نه ڪرڻ جو سبب پاڪستان طرفان تعاون نه ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن.

ياد رهي عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي(رائٽرز) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سعودي عرب ۾ ڳالهين جي دعويٰ ڪئي هئي. رائٽرز موجب پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگبندي جي حوالي سان سعودي عرب ۾             امن ڳالهين جو ٽيون دور ٿيو جنهن جي ميزباني سعودي عرب، ترڪيه ۽ قطر گڏيل طور تي ڪئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين دوران ڪابه وڏي اڳڀرائي نه ٿي سگهي پر جنگبندي کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته اسان افغانستان سان سرحدون موجوده صورتحال جي ڪري بند ڪيون آهن افغانستان به هاڻ پنهنجي طرفان سرحدون بند ڪيون آهن. انهي حوالي سان هاڻ اهي ئي جواب ڏئي سگهن ٿا. اسان في الحال سرحدون امدادي ڪارروائي جي لاءِ کوليون آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔