ڏکڻ آفريڪا خلاف ڀارتي بالرن هٿان بيٽسمين جي محنت ضايع

نيو دهلي :ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻئي ون ڊي ۾ هندستاني بالنگ لائن اپ بيٽسمينن جي ڪوششن کي ضايع ڪري ڇڏيو.راءِ پور ۾ کيڏيل ميچ ۾، ڏکڻ آفريڪا هندستاني بالرن کي چيڀاٽيو ۽ 359 رنسن جو جبل جهڙو هدف 4 بالن باقي رهي حاصل ڪيو.هندستان پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ ويرات ڪوهلي ۽ توراج گائيڪواڊ جي شاندار سينچرين جي مهرباني سان مقرر ڪيل 50 اوورن ۾ 358 رنسون ٺاهيون.ويرات ڪوهلي 93 بالن تي 102 رنسون ٺاهيون ۽ توراج گائيڪواڊ 83 بالن تي 105 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان ڪي ايل راهول 66 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.مهمان ٽيم ايڊن مارڪرم جي 110، ميٿيو بريٽز جي 68، ڊيوالڊ بريورز جي 54 ۽ ڪپتان ٽمبا باوما جي 46 رنسن جي بدولت 4 بالن باقي رهي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 359 رنسن جو هدف حاصل ڪيو.ڀارت جي پرساد ڪرشنا 85 رنسن تي 2 وڪيٽون، ارشد ديپ سنگهه 54 رنسن تي 2 وڪيٽون، ڪلديپ ياديو 78 ۽ هرشيت رانا 70 رنسن تي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.ڏکڻ آفريڪا ميچ ۾ فتح سان 3 ميچن جي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي. اڄ جي ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن ڪل 720 رنسون ٺاهيون، ايڊن مارڪرم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

تبصرے بند ہیں۔