اسلام آباد: ڪرغزستان جي صدر صادرزاپاروف پاڪستان پهتو ته وزيراعظم هائوس پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، انهي دوران پاڪ فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر جو پرجوش استقبال ڪيو جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو، انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا.
وزيراعظم معزز مهمان کي پنهنجي ڪابينه جي ميمبرن جڏهن ته ڪرغزستان جي صدر پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو. ڪرغزستان جي صدر وزيراعظم هائوس جي احاطي ۾ ٻوٽو به لڳايو. ياد رهي ته ڪرغزستان جو صدر صادرزاپاروف پهريون ڀيرو پاڪستان جي دوري تي آيو آهي.
ڊپٽي وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪرغزستان جي صدر سادرزاپاروف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزارت موجب صدر زاپاروف گذريل ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو، وزيراعظم شهباز شريف هڪ بيان ۾ چيو ته ٻن ڏهاڪن کان پوءِ ڪنهن ڪرغيز صدر جو اهو پهريون پاڪستان جو دورو آهي.
پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته ملاقات جي دوران اسحاق ڊار صدر زاپاروف ۽ انهي جي وفد کي پاڪستان پهچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ انهي تائين صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جون نيڪ خواهشون پهچايون.
اسحاق ڊار واضح ڪيو ته پاڪستان اعليٰ سطح تي ڪرغزستان سان گڏ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن صدر زاپاروف کي پاڪستاني قيادت سان ٿيل انهي جي ايندڙ ملاقاتن، ڪاروباري طبقي سان رابطه ۽ وسيع تر ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ بابت به ڳالهيون ڪيون.
تبصرے بند ہیں۔