ڪوهاٽ: ڪوهاٽ جي تعلقي لاچي جي بازار ۾ پوليس اسٽيشن جي ڀرسان ٻن ڌرين جي وچ ۾ فائرنگ جي نيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي لاچي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب سخت زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين ڪوهاٽ جي ڊي اي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فائرنگ سبب مارجي ويلن ۾ حسن، ظاهر زمان، غفور ۽ معمور جڏهن ته زخمين ۾ اعجاز ۽ حماد شامل آهن، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. فائرنگ جي واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔