پشاور: ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي بم حملي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ڊيره اسماعيل خان جي علائقي پنياله ۾ پوليس موبائل تي بم ڌماڪو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جن ۾ اي ايس آءِ گل عالم، ڪانسٽيبل رفيق ۽ ڊرائيور سخي جان شامل آهن. جڏهن ته ڌماڪي ۾ ڪانسٽيبل آزاد شاهه محفوظ رهيو.
اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ادارن ۽ پوليس طرفان شهيدن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌان شاهديون به گڏ ڪيون پيون وڃن. بم ڌماڪي کان پوءِ ڊي ايس پي پٽياله ۽ ايس ايڇ او واقعي واري هنڌ روانه ٿي ويا آهن جڏهن ته علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف ڏکڻ وزيرستان اپر ۾ پوليس جي گاڏي تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس ذريعن موجب تيارزه ٿاڻي جي حد توروام مارڪيٽ هنڌ تي پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
پوليس جي وقت تي جوابي ڪارروائي سان نامعلوم دهشتگرد فرار ٿي ويا جڏهن ته زخمي اهلڪار امام حسين کي علاج جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهي جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي فتنته الخوارج جي حملي جي مذمت ڪندي شهادت ماڻيندڙ 3 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
هن شهيد اي ايس آءِ گل عالم، ڪانسٽيبل رفيق ۽ سخي جان جي وارثن سان دلي همدردي، تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي بهادر جوانن جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. ڪي پي ڪي پوليس جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.
تبصرے بند ہیں۔