ڪراچي: نيپا چورنگي جي ڀرسان کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويل ٻار جو والد حڪومت کان سخت مايوس آهي.
عالمي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ابراهيم روئيندي چيو ته مان ڪنهن کي چوان؟ منهنجو ٻار ته هليو ويو، انهي جي خلاف ڪير ڪارروائي ڪندو؟ ڪنهن کي ڪرڻي هجي ها ته اهي انهي جڳهه تي موجود هجن ها.
ابراهيم جي والد چيو ته منهنجو ٻار 14 کان 15 ڪلاڪ پاڻي ۾ رهيو، انهي کي ڪڍڻ لاءِ ڪير به نه آيو. حڪومت کي چوندس ته اوهان گٽرن جا ڍڪڻ نٿا لڳرائي سگهو ته مان اهو ڪم شروع ڪندس ته جيئن ڪنهن ٻئي ٻار جي حياتي جو نقصان نه ٿئي.
هن چيو ته منهنجو نمبر لکي وٺو. عوام مون کي فون ڪري، انهن جي گهر جي اڳيان جيڪڏهن گٽر کليل آهن ته انهن کي مان ڍڪڻ لڳرائي ڏيندس.
ابراهيم جي والد چيو ته جيترا ڊپارٽمينٽل اسٽورز آهن جن جي اڳيان گٽرن جا ڍڪڻ ناهن لڳل اهي سڀ وڃي مان پاڻ لڳرائيندس. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ صرف هن سال 5 ٻارن سميت 24 شهري کليل نالن ۽ گٽرن ۾ ڪري فوت ٿي چڪا آهن.
تبصرے بند ہیں۔