تڪرار عالمي امن لاءِ خطرو آهن، پاڪ ڀارت جنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي: اسحاق ڊار

اسلام آباد:  نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق دار چيو آهي ته دنيا ۾ جاري تڪرار عالمي امن جي لاءِ خطرو آهن، پاڪ ڀارت جنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار دنيا ۾ جاري ٻرندڙ تڪرارن کي عالمي امن جي لاءِ خطرو قرار ڏنو. هن چيو ته مئي ۾ ٿيل پاڪ ڀارت جنگ خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿي.

نائب وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي به هڪ وڏو چيلينج قرار ڏيندي چيو ته گرمي پد ۾ اضافي ۽ مسلسل ٻوڏ جا معيشت تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا آهن. اسحاق ڊار عالمي معاشي منظرنامي ۾ تبديلين جي نشاندهي ڪئي. هن اسرائيل طرفان غزه ۾ فلسطينين جي قتل عام جي پڻ مذمت ڪئي.

نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪندو آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ پيش ايندڙ اهم چيلنجز ۾ غربت، ناخواندگي ۽ اوچتو ايندڙ آفتن کي به اجاگر ڪيو.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ سيڪيورٽي جو منظر نامو به تمام گهڻو ڏکيو آهي، ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. مئي ۾ پاڪ ڀارت جنگ به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، پاڪستان تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪندو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔