اسلام آباد: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اقليتن جي حقن بابت بل کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانون واري وزيراعظم نذير تارڙ اقليتن جي حقن بابت بل پيش ڪندي چيو ته پارليامينٽ اقليتن جي حقن بابت ڪميشن جي قيام جو بل قومي ڪميشن براءِ اقليتي حق 2025 منظور ڪري ورتو.
ايوان اقليتن جي حقن بابت بل کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو بل جي حق ۾ 1260 ۽ مخالفت ۾ 79 ووٽ مليا. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي قانون واري وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته سال 2014 ۾ سپريم ڪورٽ چيو ته اقليتن جي هڪ ڪميشن ٺاهيو، مولانا فضل الرحمان جو ٿورو ادا ڪريان ٿو ته انهي جي ميمبرن هن بل ۾ ترميمون ڏنيون. قانون ۾ واضح آهي ته قادياني غير مسلم آهن.
مولانا فضل الرحمان ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته آئين تڪراري نه هجي، 27هين ترميم ۾ ائين ناهي ٿيو اها ترميم اهڙي طرح تڪرار هوندي جيئن 18هين ترميم کان اڳ جي ترميم ٿي هئي.
هن چيو ته سال 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت هئي، اهو آئين ۾ ترميم ڪري سگهيو ٿي پر انهي طرفان ڳالهيون ڪيون ويون. 9 مهينن جي محنت کان پوءِ 18هين ترميم تيار ڪئي ته لڳو اسان جي پارٽي اختلاف جي باوجود گڏ ٿي سگهي ٿي. 26هين آئيني ترميم آئي ته پي ٽي آءِ انهي ۾ شريڪ نه هئي. اسان 26هين آئيني ترميم جو پي ٽي آءِ کي ٻڌائيندا هئاسين پر 27هين آئيني ترميم ۾ ڪنهن کي به ڀروسي ۾ نه ورتو ويو.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ ڪجهه شخصيتن کي اهڙيون سهولتون مراعتون ڏنيون ويون، قرم ۾ انهي ترميم کي قبول ناهي ڪيو ويو. اهڙيون مراعتون ڪنهن کي ڏيڻ خدمتن جو صلو نه پر طبقاتي ورهاست ڪرڻ آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ سال گذرڻ جي باوجود اسلامي نظرياتي ڪونسل جي هڪ به تجويز انهي ۾ شامل ناهي ڪئي وئي. اڄ جيڪي قانونسازيون ٿيون انهي حوالي سان ٿورو سوچو، اوهان 18 سال اڳ جي شرعي نڪاح کي جنسي زيادتي قرار ڏنو آهي ٽرانسجينڊر جي حوالي سان شين کي اسلامي نظرياتي ڪونسل رد ڪيو.
هن چيو ته بل جي شروعات ۾ اوهان لکيو ته گڏيل قومن جي گهرج آهي، اوهان پاڪستان جي آئين جو حلف کنيو آهي يا گڏيل قومن جو؟ مان جائز مخالفت ڪندو آهيان، جذباتي مخالفت ناهيان ڪندو جيڪا مغرب جي خواهش آهي اسان هن وقت انهي جي پيروي ڪري رهيا آهيون.
نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته هي اهڙو بل هو جنهن کي ٻئي هائوسز پاس ڪري چڪا هئا، صدر وٽ جڏهن اهو بل ويو ته انهي اعتراض اٿاريو ته انهن شين کي ڏٺو وڃي. نبي ڪريم صه تي اسان جي جان به قربان آهي. چيو ويو ته خادم رسول صه کي آزاد ڪريو، ڪير خادم رسول نه آهي.
اسحاق ڊار چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ ڪامران مرتضيٰ ترميمون ڏنيون جنهن کي حڪومت قبول ڪيو. هي حڪومتون اينديون وينديون آهن. اسان جو جان مال رسول صه تي قربان، حڪومتون ڪنهن جي وراثت نه آهن. اهي اچڻيون وڃڻيون آهن. قيدي نمبر 804 جي لاءِ جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو پر اهم معاملن تي سياست نه ڪريو.
تبصرے بند ہیں۔