پرو هاڪي ليگ، پاڪستاني اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏني وئي

لاهور : پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) پرو هاڪي ليگ جي پهرين مرحلي لاءِ 20 رڪني اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب پاڪستاني ٽيم پرو هاڪي ليگ لاءِ سڀاڻي رات ارجنٽائن لاءِ روانو ٿيندي، پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ڪپتان عماد شڪيل بٽ، منيب الرحمان، عبدالله اشتياق، سفيان خان، عبدالمنان، محمد عبدالله ۽ ارشد لياقت شامل آهن،ذريعن موجب، معين شڪيل، ذڪريا حيات، غضنفر علي، حنان شاهد، ارباز احمد، افراز حڪيم، عبدالرحمان، محمد عماد، احمد نديم، رانا وحيد، رانا وليد، حماد انجم ۽ ابو بڪر پڻ 20 رڪني اسڪواڊ جو حصو آهن.

تبصرے بند ہیں۔