واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو پناهگيرن جي درخواستن تي پابندي کي “ڊگهي وقت” تائين برقرار رکڻ جو ارادو رکي ٿو،هن چيو ته پابندي ڪيتري وقت تائين برقرار رهندي ان لاءِ ڪو به وقت جو فريم ذهن ۾ ناهي. اهو فيصلو نيشنل گارڊ تي حملي کان پوءِ ڪيو ويو، هوم لينڊ سيڪيورٽي جو چوڻ آهي ته پابندي انهن ملڪن تي لاڳو ٿيندي جيڪي اڳ ۾ ئي سفري پابندين جي فهرست ۾ آهن، ياد رکڻ گهرجي ته گذريل هفتي، هڪ افغان شهري وائيٽ هائوس جي ويجهو هڪ نيشنل گارڊزمين کي گولي هڻي قتل ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي زخمي ڪيو،افغان شهري رحمان الله لکنوال 2021 ۾ آبادڪاري پروگرام تحت آمريڪا ۾ داخل ٿيو.
تبصرے بند ہیں۔