بدترين شڪست، انڊين ڪوچ ۽ سليڪٽر کي هٽائڻ جو مطالبو

ممبئي : ڏکڻ آفريڪا پاران ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش هندستانين جي ننڊ کي اجاڙي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير ۽ چيف سليڪٽر اجيت اگروال کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.گوهاٽي ٽيسٽ جي تاريخي ڪاميابي ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽمبا باوما کي هڪ به ميچ هارائڻ کان سواءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ فتحن سان ڪپتان بڻائي ڇڏيو.هن 12 ٽيسٽ ميچن مان 11 کٽيا ۽ هڪ ميچ ڊرا ڪيو.هندستان کي 2024 ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 100 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيوزيلينڊ پاران گهر ۾ 3-0 جي ڪلين سوئيپ جو شڪار ٿيو، هاڻي هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾، انهن کي گهر سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 2-0 جي ڪلين سوئيپ جو منهن ڏسڻو پيو.اڳوڻي هندستاني بالر وينڪٽيش پرساد گوتم گمڀير کي ذهني طور تي بيمار قرار ڏنو، جڏهن ته روي چندرن اشون چيو ته هي ڏکڻ آفريڪا خلاف بدترين بيٽنگ هئي.

تبصرے بند ہیں۔