افغاني شهري جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت نيشنل گارڊ ميمبر فوت

واشنگٽن : واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس ويجهو فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نيشنل گارڊ جو هڪ سپاهي فوت ٿي ويو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪالهه ٻن نيشنل گارڊ سپاهين کي گوليون لڳيون.هن تصديق ڪئي ته 20 سالن جي سارہ بيڪسٽروم پنهنجي زخمن سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته 24 سالن جو اينڊريو وولف نازڪ حالت ۾ آهي ۽ هن وقت پنهنجي زندگي لاءِ وڙهي رهيو آهي. ٽرمپ چيو ته فائرنگ ڪندڙ جي حالت پڻ نازڪ آهي.آمريڪي صدر چيو ته اسان جا سيڪيورٽي اهلڪار ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن، پر غير قانوني مهاجر هتي اچن ٿا ۽ مسئلا پيدا ڪن ٿا. هن چيو ته هن غير قانوني مهاجرن بابت اختيارين سان تفصيل سان ڳالهايو آهي.

تبصرے بند ہیں۔