ڪراچي: ڪراچي ۾ هيوي وهيڪلز ۾ ٽريڪر لڳايا ويا آهن جڏهن ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي آن لائن فوڊ رائيڊرز کي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه موجب ڪراچي ۾ 13 هزار هيوي وهيڪلز ۾ ٽريڪر لڳايا ويا آهن، جڏهن ته 13 هزار ٻين هيوي وهيڪلز ۾ ٽريڪر لڳائڻ جو ڪم جاري آهي.
هن ٻڌايو ته هيوي وهيڪلز جي ٽريڪرز جو ڪنٽرول ٽيفڪ پوليس وٽ آهي، هيوي وهيڪل جي حد رفتار 30 ڪلو ميٽر کان مٿي ٿئي ته انهي جو چالان ڪٽيو ويندو.
ٻئي طرف ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي آن لائن فوڊ رائيڊرز جي خلاف ايڪشن جي تياري ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ ٻڌايو ته آن لائن فوڊ رائيڊرز کي گهرائي ضابطه اخلاق جي پابندي جو چيو آهي ڇو ته آن لائن فوڊ رائيڊر ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن.
تبصرے بند ہیں۔