ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نوٽيفيڪيشن جاري

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 5 قومي اسيمبلي ۽ 7 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن اين اي 18 هري پور کان بابر نواز خان، اين اي 104 فيصل آباد کان دانيال احمد ۽ اين اي 129 لاهور کان محمد نعمان جي فتح جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.اين اي 143 کان محمد طفيل ۽ اين اي 185 کان محمود قادر خان جي فتح جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اين اي 96 فيصل آباد جو نوٽيفڪيشن ماڊل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي سبب روڪيو ويو آهي، جتان طلال چوڌري جو ڀاءُ بلال بدر کٽيو آهي، پر نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پي پي 73 سرگوڌا کان ميان سلطان علي رانجھا، پي پي 87 ميانوالي کان علي حيدر نور ۽ پي پي 98 فيصل آباد کان آزاد علي تبسم جي فتح جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا آهن.پي پي 115 تان محمد طاهر پرويز، پي پي 203 ساهيوال کان محمد حنيف، پي پي 116 فيصل آباد کان احمد شهريار ۽ پي پي 269 مظفر ڳڙهه کان ميان علمدار عباس قريشي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ان کان اڳ، اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 6 سيٽن ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 سيٽن تي ٿيل ضمني چونڊن جي ووٽرن جي ٽرن آئوٽ بابت آگاهه ڪيو هو.اليڪشن ڪميشن موجب، ضمني چونڊن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ مجموعي طور تي 28.58 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته اين اي 18 هري پور ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 42.09 سيڪڙو رهيو.اين اي 185 ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 32.61 سيڪڙو، اين اي 96 فيصل آباد ۾ 26.46 سيڪڙو، اين اي 143 ساهيوال ۾ 21.43 سيڪڙو رهيو.اليڪشن ڪميشن موجب، اين اي 129 لاهور ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 18.67 سيڪڙو، اين اي 104 فيصل آباد ۾ 13.23 سيڪڙو، پي پي 269 مظفر ڳڙهه ۾ 50.82 سيڪڙو، پي پي 98 فيصل آباد ۾ 36.82 سيڪڙو رهيو.پي پي 73 سرگوڌا ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 34.45 سيڪڙو، پي پي 87 ميانوالي ۾ 27 سيڪڙو، پي پي 116 فيصل آباد ۾ 22.94 سيڪڙو ۽ پي پي 203 ساهيوال ۾ 22.4 سيڪڙو رهيو.

تبصرے بند ہیں۔