ڪراچي: گھڻا سگنل غير فعال ٿيڻ سبب اي-چالان سسٽم ۾ مسئلا

ڪراچي : ڪراچي ۾ گھڻن سگنلن جي غير فعال هجڻ ڪري، اي-چالان سسٽم مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.ان حوالي سان، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 89 ٽرئفڪ سگنلن مان صرف 69 ڪم ڪري رهيا آهن.هن چيو ته ڪراچي ۾ 1.2 ارب رپين جي ماليت جا 400 جديد سگنل گهربل آهن، ۽ نئين منصوبي ۾ خودڪار ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪندڙ 400 سگنل نصب ڪيا ويندا.پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان ممبئي کي ڏسون ٿا، ته ممبئي ۾ ايل اي ڊي لائيٽن سان 569 ٽرئفڪ سگنل ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته نئين دهلي ۾ 2160 ڪم ڪري رهيا آهن.هن اهو به چيو ته پي آءِ ڊي سي ۾ هڪ جديد ٽرئفڪ ڪنٽرول سگنل نصب ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔