بنگلاديش کي هڪ لک ٽن چانور برآمد ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد : پاڪستان بنگلاديش کي 100,000 ٽن چانور برآمد ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان هڪ لک ميٽرڪ ٽن چانورن جي خريداري لاءِ باضابطه طور تي ٽينڊر جاري ڪيو آهي.ٽي سي پي موجب، چانور ڪراچي پورٽ ذريعي بنگلاديش ڏانهن برآمد ڪيا ويندا. بوليون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ بولي جي حد 25,000 ٽن ۽ وڌ ۾ وڌ 100,000 ٽن آهي.ٺيڪي جي منظوري کان 45 ڏينهن اندر پهچائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان تازو ئي بنگلاديش کي ڪراچي پورٽ کي خطي جي ملڪن، جن ۾ چين ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل آهن، سان واپار لاءِ گيٽ وي طور استعمال ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستان جي چانورن جي برآمدات ۾ 28 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آمريڪا پاران هندستاني چانورن سميت مختلف شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي مارڪيٽ ۾ پاڪستان لاءِ نوان واپاري موقعا پڻ پيدا ٿيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔