بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار ڌرميندر 89 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي:بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار ڌرميندر 89 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي ميڊيا موجب سومر تي ڌرميندر ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ زندگي جا آخري ساهه کنيا. سندس رهائشگاهه جي ٻاهران ڪيترن ئي بالي ووڊ جي اداڪارن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي اڇن ڪپڙن ۾ ايندي ڏٺو ويو.

مشهور فلم ساز ڪرن جوهر به انسٽاگرام تي ڌرميندر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ انهي کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڌرميندرا کي 2 هفتا اڳ ساهه کڻڻ ۾ پريشاني سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هلندڙ سال اپريل ۾ انهي جي اک جي سرجري به ٿي هئي. رپورٽن موجب ڌرميندر آخري ڀيرو پنهنجي اداڪاري جا جوهر فلم(اڪيس) ۾ ڏيکاريا جيڪا 25 ڊسمبر تي رليز ٿيڻ واري آهي.

ڌرميندر پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1960 ۾ فلم دل بهي تيرا هم بهي تيري کان ڪيو هو انهي کي 2012 ۾ حڪومت بند طرفان هندستان جي ٽئين سڀني کان وڏي شهري اعزاز پدم بهوشن سان نوازيو ويو هو. 6 ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي ڪيريئر ۾ ڌرميندر شعلي، يادون ڪي بارات، ميرا گائون ميرا ديش، نوڪر بيوي کا، پهول اور پت، پهول اور پتلي جهڙين ايوارڊ يافته فلمن ۾ جوهر ڏيکاريا.

هو پنجاب جي لدهيانه جي هڪ ڳوٺ ۾ ڌرميندر ڪيول ڪرشن ديول جي نالي سان پيدا ٿيو هن فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ کان اڳ 19 سالن جي عمر ۾ 1954 ۾ پرڪاش ڪور سان شادي ڪئي. جنهن کان پوءِ کيس اداڪاره هيما مالني سان پيار ٿي ويو جنهن سان هن شادي ڪري ورتي. 89 سالن جي عمر ۾ به ڌرميندر سوشل ميڊيا تي سرگرم رهيو.  هو اڪثر اهڙيون وڊيو شيئر ڪندو رهيو جيڪي صحتمند زندگي کي هٿي ڏين ٿيون.

ياد رهي ته ڌرميندر کي 2 هفتا اڳ به ساهه کڻڻ ۾ پريشاني سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڀارتي ميڊيا انهي جي لاڏاڻي جون ڪوڙيون خبرون نشر ڪيون هيون. ڌرميندر جي گهر ڀاتين ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙين خبرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهي جي ترديد ڪئي هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔