ڪراچي:برازيل جي نوجوان اسٽار فٽبالر ونيشيس جونئر، پُرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو کي پٺتي ڇڏي، سڀ کان وڌيڪ آن لائين مقبول ائٿليٽ بڻجي ويو آهي. غير ملڪي ميڊيا موجب ونيشيس جونئر هڪ مهيني ۾ 15 لک انسٽاگرام فالوئورز وڌايا، جڏهن ته هن بابت هڪ مهيني دوران 3 لک 14 هزار ميڊيا رپورٽون اپ لوڊ ٿيون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسٽاگرام تي ونيشيس سان لاڳاپيل هيش ٽيگن جو تعداد 14 لک رهيو. پرتگال جو ڪرسٽيانو رونالڊو آن لائين مقبوليت ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. ياد رهي ته فوربس جي لسٽ ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو دنيا جي امير ترين ائٿليٽن ۾ سرفهرست آهي. عالمي فٽبال رينڪنگ ۾ ونيشيس جونئر 46هين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڪرسٽيانو رونالڊو پهرين نمبر تي آهي. رپورٽ مطابق دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ائٿليٽن ۾ فٽبالرن کي برتري حاصل آهي ۽ ٽاپ 10 مقبول ائٿليٽن ۾ 5 فٽبالر شامل آهن. فرانس جو ڪليان ايمباپه مقبول ائٿليٽن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي.
تبصرے بند ہیں۔