ممبئي : بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سين انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي پنهنجي دل جي سرجري کان اڳ بي هوشي جو انجڪشن نه لڳايو ويو هو، سشميتا سين هڪ تازي انٽرويو ۾ پنهنجي دل جي سرجري بابت تفصيل سان ڳالهايو، هن چيو ته مان دل جي سرجري کان اڳ تمام گهڻي پريشان هيس ۽ مون ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته مان آپريشن دوران بي هوش ٿيڻ نٿي چاهيان، اداڪارا چيو ته آپريشن دوران هوش ۾ هجڻ ۽ پنهنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏسڻ ڏکوئيندڙ هو، پر بي هوش هجڻ ۽ هن آپريشن جي طريقيڪار کان بي خبر هجڻ وڌيڪ خوفناڪ هو، هن وڌيڪ چيو ته مان سرجري دوران ڊاڪٽرن سان به ڳالهائيندي رهي ۽ ڊاڪٽرن کي سرجري جلدي مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو، مان جلدي شوٽنگ تي واپس وڃڻ چاهيان ٿي ڇاڪاڻ ته پوري ٽيم جئيپور ۾ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي.
تبصرے بند ہیں۔