اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) پاڪستان جي ٻئي پاور ٽرانسميشن اسٽرينٿنگ پراجيڪٽ جي لاءِ 33 ڪروڙ ڊالر جي گڏيل قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اي ڊي بي موجب اهو منصوبو پاڪستان جي حڪومت جي ترجيحي سرمائيڪارين ۾ شامل آهي. جنهن جو مقصد قومي ٽرانسميشن نيٽ ورڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ سستي هائيڊرو ۽ قابل تجديد توانائي کي ملڪ جي وڏي لوڊ مرڪز تائين موثر انداز ۾ منتقل ڪرڻ آهي.
انهي ترقياتي ڪم سان پاڪستان جي اتر، ڏکڻ پاور ڪوريڊور ۾ پراڻيون رنڊڪون ختم ٿينديون ۽ اتر بائيڊرو پاور پلانٽس سان 3.200 ميگاواٽ تائين صاف توانائي جي ترسيل ممڪن ٿيندي. جنهن سان درآمدي ايندهن تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو ۽ توانائي جي شعبي ۾ پائيداري وڌندي اهو منصوبو پاور سيڪٽر اصلاحات ۽ سرڪاري ادارن ۾ بهتري جي وسيع تر حڪومتي ايجنڊا جي به مدد ڪندو آهي.
اي ڊي پي جو مالياتي پيڪيج 285 ملين ڊالر جو ڪمرشل قرض ۽ 45 ملين ڊالر جو رعايتي قرض شامل ڪرڻ آهي جيڪو اين جي سي کي ٽرانسميشن نيٽ ورڪ جي توسيع، اداره جاتي اصلاحات ۾ اضافو، مالياتي نظم وضبط جي بهتري، عوامي آگاهي جي قدمن کي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو.
اي ڊي بي جي پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو آهي ته اهو منصوبو پاڪستان ۽ اي ڊي بي جي مضبوط ڀائيوارانه تعلق جو اهم جز آهي. جنهن سان ٽرانسميشن گنجائش ۾ اضافو ۽ گهٽ لاڳت هائيڊرو پاور جي ورهاست سان نه صرف صاف توانائي جي فراهمي وڌندي پر نظامي خرچ ۾ گهٽتائي ۽ ملڪ جي ڊگهي مدتي پائيدار معاشي ترقي ۾ به مدد ملندي.
اهو منصوبو نيشنل پاور پاليسي 2021 ويزن 2025 ۽ پاڪستان جي نيشنل ڊيٽرمنڊ ڪنٽري بيوشنز 2021 سان هڪ جهڙائي آهي جن ۾ توانائي جي تحفظ، موسمياتي لچڪ، سستي صاف بجلي ۽ پائيدار ترقي کي بنيادي حدف قرار ڏنو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔