اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪيسز جي منتقلي جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ مان آئيني عدالت ڏانهن 22 هزار کان وڌيڪ ڪيسز منتقل ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 3/184 جي ڪيسز ۽ نظر ثاني درخواستون آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيون ويون آهن. انهي کان علاوه آرٽيڪل 199 جي تحت هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيلون به منتقل ڪيون ويون.
ذريعن موجب آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿيل ڪيسز جو انگ 25 هزار کان وڌي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 56 هزار کان وڌيڪ ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن.
تبصرے بند ہیں۔