اسراِئيل جون جنگبندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون: اڄ ٻيهر لبنان تي حملو، 13 ڄڻا مارجي ويا

لبنان:  جنگي جنون ۾ مبتلا اسرائيل پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو، جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري اڄ ٻيهر لبنان تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا.

لبناني صحت واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي فوج ڏاکڻي علائقي صيدون ۾ فضائي حملو ڪيو، اسرائيل طرفان پناهگيرن جي استعمال هيٺ اوپن اسپورٽس گرائونڊ کي نشانو بنايو ويو، حملي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته انهن جنهن هنڌ کي نشانو بنايو اتي حماس جا ڪارڪن موجود هئا جيڪي اسرائيل جي خلاف ڪارروائين جي تياري ڪري رهيا هئا پر اسرائيلي فوج انهي دعويٰ جو ڪوبه ثبوت پيش ناهي ڪيو.

ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي دعويٰ کي رد ڪندي انهي کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو، حماس واضح ڪيو ته اسرائيل پناهگيرن جي استعمال هيٺ اوپن اسپورٽس گرائونڊ کي نشانو بنايو.

ياد رهي ته گذريل سال اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ جنگبندي معاهدو طئي ٿيو هو پر انهي معاهدي جي باوجود اسرائيلي فوج طرفان لبنان تي حملن جو سلسلو جاري آهي.

اسرائيلي فوج هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ به لبنان جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪار تي ڊرون حملو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

 

تبصرے بند ہیں۔