ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 4 سالن دوران ڪاروڪاري جي الزام هيٺ 595 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل 4 سالن جي دوران 595 ڄڻن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو جن ۾ 466 عورتون ۽ 129 مرد شامل آهن.
سنڌ پوليس جي رڪارڊ موجب سال 2022 ۾ 102 واقعن ۾ 114 ماڻهن کي ڪاروڪاري قرار ڏيندي قتل ڪيو ويو جن مان 89 عورتون ۽ 25 مرد شامل آهن.
سنڌ پوليس جي رڪارڊ موجب سال 2022 دوران 102 واقعن ۾ 114 ڄڻن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو جن ۾ 89 عورتون ۽ 25 مرد شامل هئا.
سال 2023 ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ 151 واقعن ۾ 167 ڄڻا قتل ڪيا ويا جن مان 135 عورتون ۽ 32 مرد شامل هئا. سال 2024 ۾ ڪاروڪاري جي 132 واقعن ۾ 152 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جن ۾ 123 عورتون ۽ 29 مرد شامل آهن.
سال 2025 جي 10 مهينن دوران(آڪٽوبر مهيني تائين) صوبي ۾ ڪاروڪاري جا 140 ڪيسز رپورٽ ٿيا جن مان 162 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. مقتولين ۾ 119 عورتون ۽ 43 مرد شامل آهن.
رڪارڊ موجب ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪندڙ جوابدارن ۾ 294 جوابدار مقتولين جا مڙس، والد، والده، ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ ۽ ڀينرون آهن. 204 ٻيا مائٽ جڏهن ته 16 پاڙيسري، دوست ۽ ٻيا جوابدار شامل آهن.
پوليس موجب 4 سالن جي دوران ڪاروڪاري جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن ۾ 171 مقتولين جا مڙس، 33 مقتولين جا پيءُ، 77 مقتولين جا ڀاءَ، 5 مقتولين جا پٽ، 2 مقتولين جون ڀينرون، 2 مقتولين جون مائرون ۽ 4 مقتولين جون ڌيئرون شامل آهن.
تبصرے بند ہیں۔