وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي ويو،ملاقاتون

ڪراچي : وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، وزيراعظم شهباز شريف جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو جتي سندس استقبال سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ڪيو، وزيراعظم اڄ ڪينٽ ريلوي اسٽيشن ڪراچي جي اپ گريڊيشن منصوبي جو افتتاح ڪندو، جتي اسٽيشن کي جديد ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي،ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي سي آءِ پي لاؤنج ۽ ويٽنگ ايريا قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ماڻهن جي سهولت لاءِ ايڪسيليٽر پڻ نصب ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه ڪينٽ اسٽيشن تي ايگزيڪيوٽو واش روم، اي ٽي ايم مشينون ۽ مفت وائي فائي سهولتون پڻ متعارف ڪرايون ويون آهن.

تبصرے بند ہیں۔