ڍاڪا : بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. شيخ حسينه واجد کي سندس غير موجودگي ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي.جسٽس غلام مرتضيٰ موجمدار جي سربراهي ۾ انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل جي ٽي رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو. ٽربيونل جي ٻين ٻن ميمبرن ۾ جسٽس شفيع عالم محمود ۽ جج محي الحق انعام چوڌري شامل آهن.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بنگلاديش جي مقامي جنگي ڏوهن جي عدالت، انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل فيصلو ڏنو. عدالت شيخ حسينه واجد خلاف ڪيسن ۾ 453 صفحن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ۽ شيخ حسينه واجد کي موت جي سزا ٻڌائي.بنگلاديشي عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ليڪ ٿيل فون ڪال موجب، حسينه واجد احتجاج ڪندڙ شاگردن کي مارڻ جا حڪم ڏنا. شاگردن جي مطالبن کي ٻڌڻ جي بدران، ملزم شيخ حسينه واجد فسادن کي ڀڙڪايو ۽ شاگرد تحريڪ کي طاقت سان دٻائڻ لاءِ ذلت آميز قدم کنيا.عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته حسينه واجد ۽ اڳوڻي گهرو وزير اسدالزمان خان ڪمال اڃا تائين مفرور آهن، پيشي لاءِ ڪيترائي نوٽيس موڪلڻ جي باوجود، ٻنهي جوابدارن جو مفرور هجڻ انهن جي ڏوهه جو اعتراف آهي، المامون واحد جوابدار آهي جيڪو عدالت ۾ موجود هو، جنهن جولاءِ ۾ ٻڌڻي دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو. ملزمه شيخ حسينه الزام نمبر 2 جي تحت ڊرون، هيلي ڪاپٽر ۽ خطرناڪ هٿيارن جي استعمال جو حڪم ڏئي انسانيت خلاف ڏوهه ڪيا.پرڏيهي خبر ايجنسي موجب، عدالتي فيصلي دوران بنگلاديش ۾ شيخ مجيب الرحمان جي گهر ٻاهران احتجاج ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔