اسلام آباد جي تاريخ ۾ پهرين روبوٽڪ سرجري ڪاميابي سان مڪمل

اسلام آباد: اسلام آباد جي تاريخ ۾ پهرين روبوٽڪ سرجري ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي آهي. پمز اسپتال ۾ سرجري جي لاءِ جديد ٽرمائي سرجيڪل روبوٽ جو استعمال ڪيو ويو ۽ سرجري ۾ برطانيه جي عالمي ماهرن به حصو ورتو.پمز جي پروفيسر شميم خان، پروفيسر متين شريف ۽ ڊاڪٽر جاويد برڪي رهنمائي ڪئي جڏهن ته پمز جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر عاطف انعام شامي، ڊاڪٽر برهان الحق ۽ ڊاڪٽر خالد سعيد به انهي ۾ شرڪت ڪئي.ڊائريڪٽر روبوٽڪ سرجري ڊاڪٽر متين شريف پمز اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته روبوٽڪ سرجري سان پيچيده آپريشن هاڻ وڌيڪ محفوظ ۽ بهتر ٿي سگهندا. ڊاڪٽر متين موجب ٽومائي نالي جو روبوٽ چائنا ۾ ٺاهيو ويو آهي، مشن آهي ته روبوٽڪ سرجري پوري پاڪستان ۾ شروع ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اسان جي مدد ڪري رهي آهي، هڪ عورت مريضه جو روبوٽڪ آپريشن ڪيو ويو ۽ روبوٽڪ سرجري سان مريض تمام جلد صحتياب ٿيندو.

تبصرے بند ہیں۔