جي اليون ڪچهري وٽ ڌماڪو،12 ڄڻا شهيد،ڪيترائي زخمي

اسلام آباد : اڱاري ڏينهن اسلام آباد جي جي 11 سيڪٽر ۾ عدالت ويجهو هڪ خودڪش ڌماڪي ۾ 12ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اسلام آباد ۾ جي 11 سيڪٽر عدالت ويجهو هڪ ڪار ۾ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي سان ڪار ۾ باهه لڳي وئي ۽ ويجھن گاڏين کي به باهه لڳي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ پنج ماڻهو شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن ۾ وڪيل ۽ عام شهري شامل آهن,پوليس ذريعن موجب، ڌماڪو هڪ خودڪش حملو هو ۽ خودڪش بمبار جو سر به واقعي واري هنڌ تان مليو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالت جي ٻاهران ڌماڪي ۾ هندستان جي سرپرستي ۽ افغان طالبان جي پراڪسي فتنا الخوارج ملوث هو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت عدالت جي علائقي ۾ تمام گهڻي ٽريفڪ هئي، جنهن ۾ عام شهري به زخمي ٿيا. زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.،پوليس موجب ڌماڪي کان پوءِ علائقي کي گهيري ۾ آندو ويو آهي ۽ ڌماڪي جي نوعيت جو تعين ڪيو پيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔