شيخ وقاص اڪرم جا گرفتاري وارنٽ جاري ,عمر ايوب، زرتاج گل جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد:  دهشتگردي جي انت واري عدالت شيخ وقاص اڪرم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ عمر ايوب، زرتاج گل جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.رپورٽ موجب اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف 26 نومبر جي احتجاج بابت ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت شيخ وقاص اڪرم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب ۽ زرتاج گل جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪئي. عدالت لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ٻنهي اڳواڻن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. عدالت سمورين ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي جي لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

تبصرے بند ہیں۔