نوڪري سان گڏ نخرا نه هلندا، 27هين ترميم پاس ٿي وئي، 28هين جي تياري ڪريو: فيصل واوڊا

اسلام آباد:  سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 27هين ترميم پاس ٿي وئي، 28هين ترميم جي تياري ڪريو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته 27هين ترميم پاس ٿي وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف بهترين ڪم ڪيو آهي، مان انهن جي قدر ڪريان ٿو، وزيراعظم جمهوري روايت جي  تحت هڪ انتهائي بهترين قدم کنيو آهي.

صحافي سوال ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي نالي جي تبديلي جي حوالي سان پيش ڪيل ترميم جي باري ۾ ڇا چوندو؟ فيصل واوڊا جواب ڏنو ته ايمل ولي منهنجو دوست آهي، جيئن چوندو ڪري ڇڏيندو.

صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته مولانا صاحب کي راضي ڪندو؟ فيصل واوڊا جواب ڏنو ته مولانا اسان جو وڏو آهي، اسان انهي کان سياست سکندا آهيون.

هن چيو ته هاڻ انهي ترميم ۾ دم ناهي رهيو، 28هين ترميم جي تياري ڪريو، 27هين آئيني ترميم سان جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، اها اسان جي ملڪ جي ضرورت آهي، انهي سان اسان جو دفاع مضبوط ٿيندو.

هن چيو ته نوڪري سان گڏ نخرا نه هلندا، ڊفينس لائن کي وڌيڪ اسان کي مضبوط ڪرڻو آهي، جيتريون شيون ٿي رهيون آهن اهي نيون نه آهن، جيڪي شيون هن صدر جي لاءِ ٿينديون اهي اڳيان جي لاءِ به هونديون.

 

تبصرے بند ہیں۔