27هين ترميم تي پي ٽي آءِ سينيٽرز جو سخت رد عمل، آئين کي دفن ڪرڻ جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:  27هين آئيني ترميم جي سينيٽ ڪميٽي ۾ پيشي کان پوءِ تحريڪ انصاف جي سينيٽرز انهي ترميم کي آئين  کي نه صرف چيڀاٽڻ پر انهي کي دفن ڪرڻ جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان چيو ته 26هين آئيني ترميم آئين جي موت هئي، جڏهن ته 27هين ترميم آئين کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش آهي جن انهي ترميم کي ووٽ ڏنا اهي تاريخ ۾ انهي بابت ڪي به پڪيون ثابتيون نه ڏئي سگهندا. انهن اهڙو ڪم ڪيو آهي جنهن سان سمورو عدالتي نظام تباهه ۽ آئين چيڀاٽجي ويندو.

زرقا سرهروردي چيو ته صدر ۽ وزيراعظم کي احتساب جوڳو ٿيڻو پوندو، اوهان عدليه جو احتساب ڪندو، اوهان هاڻ عدليه کان انهن جا اختيار وٺڻ چاهيو ٿا، 26هين آئيني ترميم وقت منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ويو هو، ڪوڙا الزام به لڳايا ويا.

اعظم سواتي چيو ته اهو ڪارو قانون آهي، آئين ۽  قانون سان تمام وڏي زيادتي ڪئي پئي وڃي عدليه جو جنازو نڪري رهيو آهي،  هاڻ عدليه اهو نٿي چئي سگهي ته اها آزاد هوندي، اهو قانون اوهان کي ڏنگيندو، اوهان هڪ ڏينهن ضرور چوندو ته اسان تمام وڏي غلطي ڪئي.

نورالحق قادري چيو ته حڪومت جعلي اڪثريت سان ايترا وڏا فيصلا ڪري رهي آهي جڏهن ته فيصل جاويد چيو ته 17 سيٽن وارا حڪومت نٿا ڪري سگهن.

سينيٽر محسن عزيز چيو ته حڪومت 27هين آئيني ترميم جي معاملي تي وڌيڪ دير نه ڪري جيڪا سٺي ترميم هوندي اسان اوهان سان گڏجي ٺاهينداسين، اسان جي تجويزن تي اسان سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪيون وڃن.

 

تبصرے بند ہیں۔