اسلام آباد: جي يو آءِ(ف) 27هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته اسان کي هر شيءَ تي اعتراض آهي، حڪومت تي به ڀروسو نه آهي. 27هين ترميم سان 26هين ترميم کي رول بيڪ ڪيو ويو آهي.
سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته حڪومت اسان کي ترميم پڙهڻ جي اجازت نه ڏني، خدشا هجڻ باوجود اسان گڏيل ڪميٽي ۾ وڃڻ چاهيون ٿا، اسان ڪميٽي ۾ پنهنجون تجويزون به رکڻ چاهيون ٿا.
تبصرے بند ہیں۔