هرجاڻو ڪيس، خان جي وڪيل جي مهلت واري درخواست منظور

لاهور: سيشن ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف پاران داخل ڪيل نقصان جي ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل جي جرح لاءِ مهلت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.لاهور جي سيشن ڪورٽ جي جج يلماز غني وزيراعظم شهباز شريف پاران عمران خان خلاف داخل ڪيل 10 ارب رپين جي نقصان جي ڪيس بابت گذريل ٻڌڻي جو تحريري حڪم جاري ڪيو.عدالت هڪ تحريري حڪم ۾ چيو ته شهباز شريف جو شاهد عطاءُ الله تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته عمران خان جي وڪيل جي جرح لاءِ مهلت جي درخواست پڻ منظور ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي عطاءُ الله تارڙ 15 نومبر تي جرح لاءِ پيش ٿيندو.

تبصرے بند ہیں۔