اسان افغانستان سان معاملا طئي ڪرڻ کان سواءِ نٿا رهي سگهون: سلمان اڪرم راجا

پشاور:  پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اسان افغانستان سان معاملا طئي ڪرڻ کان سواءِ نٿا رهي سگهون، جيستائين ڳالهيون نه ٿينديون امن نٿو ٿئي سگهي.

پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اپوزيشن جو خيال هو ته اسان جي پارٽي ۾ ڪوبه تفرقو نٿو وجهي سگهي، هي هاڻ ناڪام ٿي چڪا آهن، اپوزيشن ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري رهي آهي، جمهوري عمل اڳيان وڌي چڪو آهي.

هن چيو ته حلف روڪڻ جو ڪوبه جواز نه آهي، اڄ نه ته سڀاڻي ٿي ويندو. سهيل آفريدي وزير رهي چڪو آهي، تجربيڪار ٽيم انهن جي چوڌاري موجود آهي، تجربو بلاول ڀٽو جو ڪهڙو هو؟ هاڻ اهي سهيل آفريدي تي اٿي رهيا آهن. سلمان اڪرم چيو ته اسلام آباد طرف ماچ ڪرڻ جو اسان جو ڪوبه ارادو نه آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان جو پاڪستان تي حملو افسوسناڪ آهي پر اسان افغانستان سان معاملا طئي ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهون. افغانستان سان سرحد بند به نٿا ڪري سگهون، معاش ۽ روزگار انهي سان جڙيل آهي.

 

 

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔