پنجاب ۾ 60 هزار ٻارن جو تعليمي سلسلو متاثر، عارضي ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: تازي سيلاب سبب پنجاب ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن جو تعليمي سلسلو متاثر ٿي ويو آهي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران، يونيسيف جي تعاون سان متاثر علائقن ۾ عارضي ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزير تعليم پنجاب رانا سڪندر حيات موجب سيلاب کان متاثر اسڪولن جي عمارتن جي بحالي تيز رفتاري سان جاري آهي ۽ حڪومت جو هدف آهي ته 90 ڏينهن اندر سڀ اسڪول مڪمل طور بحال ڪيا وڃن. هن چيو ته ٻارن جي تعليمي نقصان (Learning Losses) کي گهٽائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ ٽن شفٽن ۾ عارضي اسڪول هلايا پيا وڃن، جيئن ڪنهن به ٻار جي تعليمي سال ضايع نه ٿئي.

رانا سڪندر حيات وڌيڪ ٻڌايو ته ٽينٽ اسڪول ايندڙ هفتي کان ڪم شروع ڪيا ويندا، جن ۾ بنيادي تعليمي سهولتون، اسٽيشنري ۽ فرنيچر پڻ مهيا ڪيو ويندو. وزير تعليم چيو ته حڪومت ٻارن جي تعليمي مستقبل جي تحفظ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ ڪنهن به ٻار کي تعليم کان محروم نه ٿيڻ ڏنو ويندو.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔