اسلام آباد: اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي اسرائيلي گرفتاري مان آزادي جي معاملي تي پرڏيهي وزارت اهم اڳڀرائي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان جي پرڏيهي وزارت، اردن جي راڄڌاني عمان ۾ موجود پنهنجي سفارتخاني جي ذريعي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جي بحفاظت واپسي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان غزه طرف ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا جي قافلي ۾ سوار هئو، اسرائيلي فورسز حملو ڪري مشتاق احمد سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو هو. قافلي ۾ شامل ڪيترن ئي ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر مشتاق احمد سميت ٻيا ماڻهو هن وقت به اسرائيل وٽ گرفتار آهن.