وفاقي حڪومت جو پينشن بابت وڏو قدم، سرڪاري ملازمن جي لاءِ نئين اسڪيم لاڳو ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي لاءِ ڪنٽري بيوٽري پينشن اسڪيم لاڳو ڪري ڇڏي جنهن جي لاءِ پينشن ۾ وڏي تبديلي ڪندي نئين ڪنٽري بيوٽري پينشن فنڊ اسڪيم رولز لاڳو ڪري ڇڏي جنهن جي تحت وفاقي ملازمن کي پنهنجي پينشن جي لاءِ پگهار جو 10 سيڪڙو حصو جمع ڪرائڻو پوندو ته جيئن اهي قومي ناڻي مان 12 سيڪڙو وصول ڪرڻ جي لاءِ اهل بڻجي سگهن.

رپورٽ موجب اهو عمل نئين متعارف ڪرايل ڪنٽري بيوٽري پينشن فنڊ اسڪيم جي تحت هوندو. جنهن تحت گڏيل حصو 22 سيڪڙو هوندو جيڪو نئين سان شروع ٿيل ملازمن جي لاءِ پراڻي پينشن نظام جي جڳهه وٺندو.  انهي حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ريگوليشن ڊپارٽمينٽ فيڊرل گورنمنٽ فائنڊ ڪنٽري بيوشن(ايف جي ڊي سي) پينشن فنڊ اسڪيم رولز 2024 جاري  ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي پبلڪ فنانس مينجمينٽ ايڪٽ 2019 جي تحت ٺاهيا ويا آهن.

اها اسڪيم والنٽري پينشن سسٽم رولز 20025 ۽ نان بينڪنگ فنانس ڪمپنيز اينڊ نوٽيفائيڊ اينيٽيز ريگوليشنز 2008 موجب ريگوليٽ ڪئي ويندي. اهي قاعدا آگسٽ 2024 جي انهي حڪم نامي جي جڳهه وٺندا جنهن ۾ حڪومت جو حصو 20 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو. 20 آگسٽ  2024 تي ناڻي واري وزارت پهريون ڀيرو سول حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي نئين ڀرتي ٿيل ملازمن جي لاءِ ڪنٽري بيوٽري پينشن اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

انهي وقت ملازمن کي پنهنجي بنيادي پگهار جو 10 سيڪڙو جمع ڪرائڻو هو جڏهن ته حڪومت 20 سيڪڙو حصو وجهڻ جي پابندي هئي. نئين اسڪيم جو لاڳو انهن سول ملازمن تي هوندو جيڪي پهرين جولاءِ 2024 يا انهي کان پوءِ ڀرتي ٿيا هوندا جن ۾ سول ڊفينس  جا ملازم به شامل آهن. جڏهن ته هٿياربند فوج جي اهلڪارن تي اها پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي(جنهن جو لاڳو اڃان غور هيٺ آهي).

حڪومت 25-2024 جي بجيٽ ۾ انهي پينشن فنڊ جي لاءِ 10 ارب روپيه ۽ 26-2025 جي لاءِ 4 ارب 30 ڪروڙ روپيه مقرر ڪيا آهن ته جيئن انهي نظام کي سپورٽ فراهم ڪري سگهجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اها اسڪيم عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بينڪ جي سفارش تي متعارف ڪرائي وئي آهي ته جيئن وڌندڙ پينشن جي مالي بار تي ڪنٽرول ڪري سگهجي جنهن کي حڪومت هڪ سنگين مالي خطرو قرار ڏنو آهي. اهو نظام موجوده ملازمن تي لاڳو نه ٿيندو پر مستقبل ۾ پينشن جي خرچن جي رفتار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔