اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جمعي جي صبح سوير تيز برسات ۽ ڳڙو وسڻ جا اطلاع آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ صبح سوير تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن وٺو ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي. اسلام آباد ۾ تيز برسات سان گڏ ڪجهه هنڌن تي اولاءُ برف جا داڻا به ڪريا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان علاوه رات دير سان ضلعي باجوڙ، مالاڪنڊ ۽ سوات جي علائقن ۾ به گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ تيز برسات ۽ اولا به وسيا. موسميات کاتي اڄ مري، گليات، جهلم، گوجرانوالا ۽ لاهور سميت پنجاب جي مختلف حصن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. دير، چترال، پشاور، مردان کان علاوه ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جي توقع آهي.