پاڪستان ڪشمير جي آزادي لاءِ پنهنجو وجود داءُ تي لڳايو، خواجه آصف آزاد ڪشمير جي عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي
اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف آزاد ڪشمير جي عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.
پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن کان درخواست آهي ته اهي والاريل ڪشمير جي ٽن نسلن جي جدوجهد تي غور ڪن. اڄ اوهان وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو سڀ ڪجهه انهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ آهي. اهي ڪشمير جي آزادي جي تاريخ پنهنجي رت سان لکي رهيا آهن.
47ع ۾ جمون سيالڪوٽ جو بارڊر ڪراس ڪندي هڪ لک ڪشميري مسلمان شهيد ٿيا، هزارين عورتن جون عزتون لٽيون ويون، هزارين اغوا ٿي ويون، هجوات، حاجي پوره ۽ پڪا گڙها ڪيمپ جي هر گهر ۾ پاڪستان سان محبت جون قيمتون حياتين جا نذرانا ڏئي چڪائيندڙ رهندا آهن.