پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي سمورين ڪميٽين جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس(پي اي سي) ڪميٽي جي ميمبر ثناءُالله مستي خيل چيو آهي ته پارٽي سمورين ڪميٽين جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اعلان ڪرڻ کان پوءِ ثناءُالله مستي خيل ڪميٽي روم ڇڏي ويو، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه ميمبرن کي پارٽي جي انهي فيصلي جو ميسيج پهچايو ويو آهي. ڪجهه تائين ناهي پهتو. سيڪريٽري ڪميٽي چيو ته چيئرمين جنيد اڪبر خان پي اي سي اجلاس ۾ نه پيو اچي،  ميمبر فيصلو ڪري وٺن ڪير پي اي سي جي اڳواڻي ڪندو.

ڪميٽي ميمبرن پي اي سي اجلاس جي صدارت لاءِ نويد قمر کي نامزد ڪري ڇڏيو، سيد نويد قمر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اڄوڪي اجلاس جي صدارت سنڀاليندو. تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جو ڪوبه ميمبر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ موجود نه آهي.

سينيٽر محسن عزيز کان علاوه پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن پي اي سي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو سينيٽر محسن عزيز پي اي سي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيو جنهن کان پوءِ اهو به بائيڪاٽ ڪري ويو.

وڊيو لنڪ تي موجود سينيٽر محسن عزيز صحافي سان فون تي ڳالهيون ڪندي چيو ته مان پي ٽي آءِ جي ٻين سينيٽرن سان ڳالهيون ڪري رهيو هئس، اوهان جي فون کان پوءِ مان به اجلاس مان نڪري رهيو آهيان، انهي کان پوءِ سينيٽر محسن عزيز به پي اي سي اجلاس مان نڪري ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔