جولاءِ ۾ آءِ ٽي برآمدات ساڍا ٽي ارب ڊالر کان وڌيڪ رڪارڊ

ڪراچي: پاڪستان جي آءِ ٽي برآمدات جولاءِ ۾ تاريخي ريڪارڊ قائم ڪندي 3 ارب 54 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويون، جنهن مان شعبي جي لڳاتار ترقي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ پذيرائي ظاهر ٿئي ٿي. رپوورٽ موجب جولاءِ ۾ پاڪستان جون آءِ ٽي برآمدات 3 ارب 54 ڪروڙ ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهتيون، جيڪي سالياني بنياد تي 24 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي 5 سيڪڙو واڌ ڏيکارين ٿيون. اهي انگ اکر 12 مهينن جي اوسط 3 ارب 17 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ آهن، جيڪي شعبي جي نمايان ترقي کي ظاهر ڪن ٿا. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي ثاني عرفان موجب جولاءِ ۾ روزاني برآمدي وصوليون 1 ڪروڙ 54 لک ڊالر رهيون، جيڪي جون جي 1 ڪروڙ 78 لک ڊالر جي مقابلي ۾ گهٽ هيون. رپورٽ موجب برآمدات ۾ اضافي جا اهم سبب: مجموعي واڌ جي وڏي وجهه ڪمپيوٽر سروسز جي برآمدات ۾ 10 سيڪڙو ماهوار واڌ رهي، جيڪي وڌي 31 ڪروڙ 10 لک ڊالر تائين پهتيون. خاص طور تي سافٽ ويئر ڪنسلٽنسي جي برآمدات ۾ نمايان اضافو ٿيو، جيڪي جون ۾ 9 ڪروڙ 60 لک ڊالر کان وڌي جولاءِ ۾ 10 ڪروڙ 40 لک ڊالر تائين پهتيون. ٻين اهم عنصرن ۾ شامل: عالمي سطح تي آءِ ٽي ڪمپنين جي ڪلائنٽ بيس ۾ توسيع، خاص ڪري جي سي سي ملڪن ۾. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران ايڪسپورٽرز جي اسپيشل فارن ڪرنسي اڪائونٽس ۾ رٽينشن حد کي 35 سيڪڙو کان وڌائي 50 سيڪڙو ڪرڻ. انهن اڪائونٽس ذريعي پرڏيهي ايڪوٽي انويسٽمينٽ جي اجازت ۽ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ استحڪام، جنهن آءِ ٽي ايڪسپورٽرز کي وڌيڪ آمدني واپس پاڪستان آڻڻ تي آماده ڪيو. پاشا (پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن) جي هڪ سروي مطابق، 62 سيڪڙو آءِ ٽي ڪمپنيون اسپيشل فارن ڪرنسي اڪائونٽس رکن ٿيون. اسٽيٽ بينڪ جي EIA اسڪيم (Equity Investment Abroad)، جيڪا آءِ ٽي برآمد ڪندڙن کي پنهنجي برآمدي آمدني جو 50 سيڪڙو تائين پرڏيهي ايڪوٽي خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي، به وصولين کي واپس آڻڻ جي اعتماد کي وڌائي رهي آهي. خالص آءِ ٽي برآمدات: برآمدات مان درآمدات منها ڪرڻ کان پوءِ خالص آءِ ٽي برآمدات جولاءِ ۾ 31 ڪروڙ 70 لک ڊالر رهيون، جيڪي سالياني بنياد تي 26 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي 4 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔