شوبز دنيا ۾ ايوارڊ وڪرو ٿيندا آهن، اريبا حبيب

ڪراچي: پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪاره اريبا حبيب دعوا ڪئي آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ ايوارڊ خريد ڪيا ويندا آهن، پر منهنجي نظر ۾ ڪنهن به اداڪار جو بينڪ اڪائونٽ ئي سندس اصل ايوارڊ آهي. اداڪاره اريبا حبيب تازو هڪ انٽرويو دوران ايوارڊ بابت ڪيل سوال تي پنهنجي راءِ جو کلي اظهار ڪيو. ايوارڊ بابت سوال جي جواب ۾ اريبا حبيب چيو ته: ”ماڊلنگ جي وقت ۾ مان ايوارڊز کي ترجيح ڏيندي هيس، پر جڏهن مان اداڪاري ۾ آيس ته ايوارڊ منهنجي لاءِ ڪا اهميت نٿا رکن“. اداڪاره جو چوڻ هو: ”منهنجي نظر ۾ ايوارڊ ڪجهه به ناهي، اصل ايوارڊ اوهان جو بينڪ اڪائونٽ آهي، ٻيو جڏهن اوهان سيٽ ڇڏيندا آهيو ۽ اوهان لاءِ جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن، اهي ئي اوهان جا اصلي ايوارڊ آهن“. اريبا حبيب موجب: ”اسان وٽ ڪيترائي سينيئر اداڪار به آهن جن جي گهر جون الماريون ايوارڊن سان ڀريل آهن، پر سندن وٽ علاج لاءِ پيسا ناهن، اهڙن اداڪارن جون ڪهاڻيون ٻڌي مونکي روئڻ اچي ويندو آهي“. هن چيو ته: ”جڏهن به مونکي ايوارڊ کپندو ۽ مون وٽ اضافي پيسا هوندا ته مان خريد ڪندس“. گفتگو دوران اداڪاره مرڪندي، ذو معنيٰ لهجي ۾ وڌيڪ چيو: ”جڳه جڳه ايوارڊ ملن ٿا، ڪٿان کان به خريد ڪندس پر مونکي اهڙا ايوارڊ ناهن گهربل“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔