سکر: سنڌو درياهه ۾ سکر بئراج تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آئي، جڏهن ته تربيلا ۽ گڊو بئراج تي به گهٽ سطح جي ٻوڏ آئي.فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب، سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ، چشمه ۽ تونسا بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي.راوي درياهه ۾ جسٽر پوائنٽ تي گهٽ سطح جي ٻوڏ برقرار آهي.ان کان علاوه، ستلج درياهه ۾ هيڊ سليمانڪي ۽ گنڊا سنگهه والا تي به گهٽ سطح جي ٻوڏ آئي.ڪابل درياهه ۾ نوشهره تي ٻوڏ جي صورتحال معمول تي اچي وئي آهي.