وفاق ڪي پي ڪي ۾ امداد پهچائي رهيو آهي، وزيرن جا بيان افسوسناڪ آهن: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته وفاق طرفان ڪي پي  ڪي جي مختلف متاثر ضلعن ۾ مدد پهچائي پئي وڃي پر ڪجهه صوبائي وزيرن جا بيان افسوسناڪ آهن.

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته 27هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان ڪوبه مسودو يا تجويزون غور هيٺ نه آهي

هن چيو ته وفاقي حڪومت جي بريوڊيو اشتهار ۾ باني پاڪستان ۽ علامه اقبال جي تصوير هئي صرف هڪ اخباري اشتهار تي سياست کيڏي وئي، ڪي پي ڪي حڪومت پاڻ پنهنجي مهم ۾ جناح ۽ اقبال جي تصوير ناهي ڏيکاري انهي ۾ اسان ته سياست ناهي ڪئي.

خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ صورتحال تي ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته وفاق طرفان ڪي پي ڪي جي مختلف متاثر ضلعن ۾ مدد پهچائي پئي وڃي، صوبي ۾ فوتگيون قومي سانحو آهي پر ڪجهه صوبائي  وزيرن جا بيان افسوسناڪ آهن. بيرسٽر سيف فيلڊ ۾ وڃي وفاق جي مدد کي ڏسي.

ياد رهي ته تازو برسات دوران ڪڪر ڦاٽڻ جي واقعن ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب  هينئر تائين خيبرپختونخواهه ۾ 328 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔