وزيراعظم ۽ ڪابينا جنگ دوران جيڪو عزم ڏيکاريو اهو قابلِ تعريف آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

برسلز : آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته سياسي مصلحتون تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن سچي دل سان معافي گهري وڃي، معافي گهرندڙ فرشتا بڻجي ويا ۽ معافي نه گهرندڙ شيطان بڻجي ويو. برسلز ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ڏنل تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته تبديلي بابت افواهون سراسر ڪوڙ آهن، اهڙيون افواهون پکيڙيندڙ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻنهي جا مخالف آهن.هن چيو ته خدا مون کي هن ملڪ جو محافظ بڻايو آهي، ان کانسواءِ مون کي ڪنهن به عهدي جي خواهش ناهي. سياسي مصلحتن بابت ڳالهائيندي آرمي چيف تخليقِ آدم سان لاڳاپيل قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن آدم پيدا ٿيو ته ابليس کانسواءِ سڀني آدم کي خدا جو حڪم سمجهي قبول ڪيو، معافي گهرندڙ فرشتا بڻيا ۽ معافي نه گهرندڙ شيطان بڻجي ويو. پرڏيهي پاليسي تي خيالن جو اظهار ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان کي چين ۽ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ توازن رکڻ جو ڊگهو تجربو آهي، ڪنهن هڪ دوست لاءِ ٻئي دوست کي قربان نه ڪنداسين. هن چيو ته صدر ٽرمپ جي امن جي خواهش حقيقي آهي، ان ڪري ئي اسان نوبيل امن انعام لاءِ نامزدگيءَ ۾ پهرين وَک کنئي، باقي دنيا هاڻي پاڪستان جي پيروي ڪري رهي آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت کي خبردار ڪيو ته هو پراڪسيز ذريعي پاڪستان جي امن کي تباهه نه ڪري،هن افغان حڪومت کي به چيو ته طالبان کي پاڪستان ۾ ڌڪڻ جي پاليسي ختم ڪري، هر هڪ پاڪستاني جي رت جو بدلو وٺڻ اسان تي واجب آهي. آرمي چيف وزيراعظم شهباز شريف جي 18،18 ڪلاڪ خلوص سان ڪم ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا جنگ دوران جيڪو عزم ڏيکاريو اهو قابلِ تعريف آهي. برسلز ۾ اوورسيز پاڪستانين جي تقريب ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جو جنگ جي فاتح طور شاندار استقبال ڪيو ويو، آرمي چيف ڪيترائي ڪلاڪ بيهي پري پري کان آيل پاڪستانين سان مليو. ان موقعي تي مشورو ڏنو ويو ته هڪ ئي وقت ۾ ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن سان ملڻ سان بدانتظامي پيدا ٿيندي، جنهن تي هن چيو ته ”جيڪي ماڻهو پري کان آيا آهن، انهن جو دل ڪيئن ٽوڙي سگهان ٿو؟“ جيستائين آخري پاڪستاني آرمي چيف سان هٿ نه ملايو، هو تيستائين بيٺو رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔