لاهور : پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران جاري ڪيل شيڊول موجب، ٽي 20 ٽرائي سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين شارجه ۾ منعقد ٿيندي.سيريز جو افتتاحي ميچ 29 آگسٽ تي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.شيڊول موجب، سيريز ۾ هر ٽيم ٻه ڀيرا مخالف ٽيمن سان کيڏندي. سيريز جو فائنل 7 سيپٽمبر تي ٿيندو.
ٽي ملڪي سيريز جو شيڊول:
29 آگسٽ: افغانستان بمقابله پاڪستان
30 آگسٽ: يو اي اي بمقابله پاڪستان
1 سيپٽمبر: يو اي اي بمقابله افغانستان
2 سيپٽمبر: پاڪستان بمقابله افغانستان
4 سيپٽمبر: پاڪستان بمقابله يو اي اي
5 سيپٽمبر: افغانستان بمقابله يو اي اي
سيريز جو فائنل 7 سيپٽمبر تي ٽاپ 2 ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيو ويندو
