ڪراچي: ڪلفٽن مان جوڙي جي لاش ملڻ جي ڪيس ۾ مقتوله ثناءُ جو ڀاءُ وقاص قتل ۾ ملوث نڪتو جنهن کان پوءِ ڏوهه جو به اعتراف ڪري ورتو.
ڪلفٽن ۾ قتل ڪيل ساجد جي والد عارف پٽ جي دوست ۽ ننهن جي ڀاءُ سميت 5 ڄڻن تي شڪ ظاهر ڪيو هو جنهن کان پوءِ گوجرانواله مان مقتوله جي ڀاءُ سميت 11 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو.
پوليس موجب مقتوله ثناءُ جو ڀاءُ وقاص قتل ۾ ملوث نڪتو ۽ هن ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي. پوليس موجب وقاص جو ويجهو مائٽ عاصم ۽ انهي جو دوست عمران به قتل ۾ ملوث آهن.
مقتوله جي ڀاءُ وقاص پنهنجي بيان ۾ چيو ته عاصم ۽ عمران مقتوله ثناءُ ۽ ساجد جي پٺيان ڪراچي ويا، عاصم جو پلان هو ته شوٽرز جي ذريعي قتک ڪرايو وڃي. پوليس موجب 19 جولاءِ تي عاصم ۽ عمران لاهور کان ڪراچي ويا ۽ 25 تي واپس آيا، مقتول ساجد سان گڏ سندس دوست احتشام به ڪراچي گڏ ويو هو، احتشام جوابدار عاصم جو به دوست آهي، ٻنهي ۾ ڪراچي پهچڻ کان پوءِ ٽيليفون تي رابطو به ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته شڪ آهي ته احتشام جي ذريعي ئي عاصم، ساجد ۽ ثناءَ تائين پهتو، جوڙي کي قتل ڪرڻ کان پوءِ احتشام غائب آهي هن پوليس يا ٻئي ڪنهن سان به رابطو نه ڪيو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ بوٽ بيسن ٿاڻي جي حد ڪلفٽن ۾ چائنه پورٽ ڀرسان جوڙي جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته جوڙي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو. ٻنهي کي مٿي جي پٺئين حصي تي هڪ هڪ گولي هنئي وئي، واقعي واري هنڌان ملندڙ موبائل فون ۾ سم لڳل نه آهي.
مقتول جوڙي جو نڪاح نامو به سامهون آيو هو، مارجي ويل زال مڙس هئا جن جو تعلق گوجرانواله سان هو. دستاويز موجب مقتول ساجد مسيح 22 جولاءِ تي اسلام قبول ڪيو هو ۽ ٻنهي 22 جولاءِ تي ئي ڪورٽ ميرج ڪئي هئي.