شهيدن جون قربانيون ملڪي دفاع ۽ قومي استحڪام جي بنياد آهن: صدر، وزيراعظم

اسلام آباد: پاڪ فوج جي عظيم سپوت ۽ نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پهرين شهيد ڪيپٽن محمد سرور جو 77هون يوم شهادت اڄ عقيدت، احترام سان ملهايو پيو وڃي.

صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن سرور شهيد ڪشمير جي پهرين جنگ ۾ ملڪ لاءِ حياتي جو نذرانو پيش ڪيو، قوم کي انهي جي جرئت، استقامت ۽ عظيم قرباني تي فخر آهي.

هن چيو ته اڄ جو محفوظ پاڪستان اسان جي هيروز جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي، شهيدن جون قربانيون ملڪي دفاع ۽ قومي استحڪام جي بنياد آهن. قوم ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي قرباني کي هميشه ياد رکندي.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن سرور جمون، ڪشمير تي دشمن جي قبضي کي ناڪام بنايو ۽ شهادت ماڻي، قوم پنهنجن شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔