ڪراچي: آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي آهي.
رپورٽ موجب ملاقات ڪندڙ وفد ۾ اي پي اين ايس جي سينئر صدر سرمد علي ۽ سيڪريٽري جنرل محمد اطهر قاضي شامل هئا. جنهن سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي اخباري صنعت کي پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو
وفد طرفان پرنٽ ميڊيا جي خرچ ۾ اضافي، علاقائي ۽ لساني پريس جي اهميت تي زور ڏنو ويو. شرجيل ميمڻ انهي موقعي تي چيو ته سنڌ حڪومت آزاد صحافت ۽ اخبارن جي ڪردار جي حامي آهي، پرنٽ ميڊيا معاشري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ جعلي خبرن جي خلاف عوام کي صحيح ڄاڻ ڏيڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت اخباري صنعت جي سمورن جائز مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪندي. اخباري صنعت کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون وينديون.